ملڪ ۾ بحران جو سبب نااهل حڪمران آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر)پ پ جي ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان هڪ وڏي بحران مان گذري رهيو آهي. بحران جو سبب  قدرتي آفتون نه پر نااهل حڪمران آهن . اهڙين ڳالهين جو اظهار شرجيل ميمڻ احتساب عدالت ٻاهران ميڊياسان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ شرجيل ميمڻ سميت ٻين جي خلاف سڌ سماءَ واري کاتي ۾ ڪرپشن ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب جي شاهد سلمان کي پيش ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي 3 فيبروري تائين ملتوي ٿي وئي. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي نااهلي جي ڪري سڄو ملڪ پريشان آهي. هن وقت وڏو بحران خوراڪ  ۽ يوريا جي گهٽتائي به آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.