لاڙڪاڻو: ميروخان ۾ قتل ٿيل ٻن ڄڻن جا لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ميروخان ڀرسان ڳوٺ پيارو مگسي ۾ مبينا طور ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن جي خون سان انصاف لاءِ وارثن  مقتولن لاءِ لاش ايس ايس پي چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري قاتلن ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مقتول سيف الله کوسو جي ڀاءُ ذوالفقار کوسو پنهنجي وارثن حبيب الله کوسو، غلام الله کوسو، حمزو کوسو، غلام محمد کوسو، جاويد کوسو، دلشاد کوسو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته ڪجهه مهينا اڳ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ٽن ڌاڙيلن جي مارجڻ کانپوءِ پوليس اهلڪارن سان گڏجي اسان جي ڳوٺ ۾ اچي ڳوٺاڻن کي گلن جا هار پارائي هٿ سان دشمني ڪرائي جنهن ڪري گذريل اڱاري جي رات منهنجو ڀاءُ ۽ ٻيا ڳوٺاڻا ٿريشر لڳائي ماني کائي ڳوٺ ڀرسان سارين جي ديري تي ويٺا هئا جتي هٿياربندن سندن مٿان انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو ڀاءُ سيف الله ۽ ماروٽ نديم کوسو تڏي تي مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ سبب طفيل علي کوسو، شيراز علي کوسو، نظام علي بروهي ۽ ڪريم جتوئي سخت زخمي ٿي پيا اهڙي واقعي بعد اسان زخمين کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت قاتلن جا پيرا کڻايا جيڪي ڌامراهه ٿاڻي جي حد ٿرڙي سم شاخ وٽ لڳا اهڙي پڪ ٿيڻ تي اسان ميروخان ٿاڻي جي پوليس کي قتل ۾ ملوث قاتلن جي گرفتاري لاءِ چيو پر هنن قاتلن جي گرفتاري کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ڪري اسان لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ٽريڪٽر ٽرالي تي لاش کڻائي انصاف لاءِ لاڙڪاڻي پهچي احتجاج ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ پوليس طرفان قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ مان ظاهر آهي ته پوليس قاتلن سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري گذريل رات کان وٺي پوليس صرف ڪوڙا دلاسا ڏئي رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته قاتلن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي گرفتار ڪري مقتولن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.