ڪراچي ۾ نسله ٽاور جهڙا 16 کان وڌيڪ غيرقانوني منصوبا!

ڪراچي (م ڊ)  سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ نسله ٽاور طرز جي وڌيڪ 16 غير قانوني منصوبن جو انڪشاف ٿيو آهي،يڊيا رپورٽس موجب ضلعي انتظاميا ملير سيڪٽر 40  جي ڀرسان غير قانوني منصوبن کي هڪ ٻيو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي،ريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم باوجود سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) قبضي جي زمين حاصل ڪرڻ وارن منصوبن جا اجازت ناما رد نه ڪيا،ريعن موجب ملير ۾ 435 تعلقي ايئرپورٽ جو غير قانوني پراجيڪٽ به گذريل سال سيل ڪيو ويو هو، 10 کان 18 منزلن جا سمورا پراجيڪٽ ايس بي سي اي پاران منظور ڪيا ويا آهن،ريعن موجب ملير ۾ 435 تعلقي ايئرپورٽ جي غير قانوني پراجيڪٽ کي گذريل سال سيل ڪيو ويو هو، سمورا پراجيڪٽس 10 کان 18 ماڙ جي اجازت ايس بي سي اي ڏني هئي،ريعن جو چوڻ آهي ته انهن پروجيڪٽس ۾ 5 هزار کان وڌيڪ فليٽ ۽ دڪان ٺهيل آهن، نيب ڪراچي ۾ 3 سالن کان غير قانوني پروجيڪٽ جي به جاچ ڪئي پئي وڃي، بلڊر ڪجهه فليٽن ۾ رهائش به شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.