5منٽن جي ٽيسٽ، شاهه رخ جتوئي مهينن تائين اسپتال ۾ رهيو

ڪراچي(م ڊ)شاهزيب قتل ڪيس جي سزايافته جوابدار  شاهه رخ جتوئي کي جنهن  مرض بهاني پرائيوٽ اسپتال موڪليو ويو اهو سامهون اچي ويو، نجي ٽي وي رپورٽ موجب جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول چيو ته پروڪٽو اسڪوپي بواسير جي مرض جي تشخيص لاءِ ڪئي ويندي آهي، ان ٽيسٽ لاءِ اسپتال ۾ 5 منٽ لڳندا آهن، هن چيو ته پروڪٽو اسڪوپي جي سهولت جناح اسپتال سميت سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ آهي، هوڏانهن ڊاڪٽر سعد نياز چيو ته پروڪٽو اسڪوپي لاءِ پرائيوٽ اسپتال داخل ڪرڻ انتهائي احمقاڻو آهي، صحافي احمر رحمان چيو ته 10 لک رپيا وٺي سزايافته قيدين کي جيل مان اسپتال منتقل ڪيو ويندو آهي، ان کان اڳ شاهه رخ ٻين پرائيوٽ اسپتالن ۾ به منتقل ٿيندو رهيو آهي، جاچ ڪندڙ ادارا به ان حوالي سان پريشان آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.