گهوٽڪي ۾ ڀاڻ جون فيڪٽريون هئڻ باوجود کوٽ ختم نه ٿي، اوٻاوڙي ۾ ڌرڻو

اوٻاوڙو( رپورٽ عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ضلعي گهوٽڪي ۾ ڀاڻ جون وڏيون فيڪٽريون ھجڻ باوجود يوريا ڀاڻ جي ھٿرادوکوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو بند نه ٿيو اھڙي کوٽ خلاف سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ آبادگارن روڊن تي نڪري  آيا آبادگار شهر جي مين چوڪ تي پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ڌرڻي سبب شھر طرف ايندڙ ويندڙ گاڏين باءِ پاس جو اختيار ڪيو ان موقعي تي آبادگارن امداد علي فقير الله بخش مهر،  عبدالغفور ڏهر  ميڍيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي گهوٽڪي اندر ڀاڻ جون ٻه فيڪٽريون آهن جنهن مان هر روز جي بنياد تي هزارين ٽن ڀاڻ يوريا تيار ڪن ٿيون جيڪي سوين ٽن پنجاب توڙي بلوچستان ڏانهن موڪليون وڃن ٿيون پر ضلعي گهوٽڪي جي آبادگارن کي نٿي ملي ڀاڻ يوريا ڊيلر بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن بليڪ تي وڪرو ڪندڙڍيلرن سرڪاري اگھه کان في ٻوري تي وڪرو ڪرڻ بدران بليڪ  2700  کان 2800 روپين کان وڌيڪ ريٽ تي وڪرو ڪري مقامي آباگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن اسين ڪيترن ڏينهن کان مختيار ڪار آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون  بليڪ تي وڪرو ڪندڙن  ڍيلرن خلاف ضلعي توڙي مقامي آفيسرن ڪاروائي ڪرڻ لا۽ تيار ناهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.