وفاقي ڪابينا پاران لاڪ ڊائون نه لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي(م ڊ) وفاقي حڪومت ڪورونا جي وڌندڙ شرح باوجود ملڪ ۾ لاڪ ڊائون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پاڪستان  ۾ ڪورونا جي شرح وڌي رهي آهي جنهن جي نگراني ڪئي پئي وڃي پر هن ڀيري پاڪستان کي لاڪ ڊائون نه ڪنداسين.هن چيو آهي ته اسان جي معيشت لاڪ ڊائون جي متحمل نه ٿي سگهي.سڌ سماءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي ڪري اسڪول بند نه ٿيندا، ملڪ ۾ ويڪسينيشن مهم سٺي نموني هلي رهي آهي، جڏهن ته ماڻهو ماسڪ استعمال ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.