ڀاڻ کوٽ خلاف 21 جنوري کان احتجاج جو اعلان، زراعت تباهه ڪئي پئي وڃي:بلاول

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان زراعت کي تباهه ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي، ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان هوش کان ڪم وٺي هن وقت ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جو بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي ۽ مارڪيٽ مان يوريا جي ٻوري 3 هزار 500 روپين ۾ بليڪ تي وڪرو ٿي رهي آهي، هن چيو ته پ پ جي دور ۾ پاڪستان سموري دنيا ۾ يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندو هو ۽ اڄ ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ ڳولڻو پئجي رهيو آهي، برسات کان اڳ هارين کي يوريا ڀاڻ ملي وڃي ها ته فصلن جي پيداوار ۾ رڪارڊ واڌ ٿئي هئا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ هارين سان ٿيندڙ ظلم جي خلاف 21 جنوري کان ريليون ڪڍندي ۽ پيپلز پارٽي جي هاري يڪجهتي احتجاج ۾ سموري ملڪ جا هاري نڪرندا ۽ اسان حڪومت کان پنهنجا مطالبا مڃرائينداسين، بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان ملڪ جي زراعت کي تباهه ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي آهي. ڪڻڪ جي پوکائي واري سيزن کان ڊي اي پي ڀاڻ 10 هزار روپيه في ٻوري وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي سنڌ يوريا ڀاڻ جي بحران ۽ آبادگارن سان زيادتين خلاف 21 جنوري کان 30 جنوري تائين سڄي سنڌ ۾ آبادگار احتجاجي ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته 27 فيبروري تي لانگ مارچ جي شروعات مزار قائد ڪراچي کان ٿيندي ۽ لانگ مارچ جي اڳين منزل سنڌ جي مختلف ضلعن کان ٿيندي پنجاب بارڊر ڪمون شهيد وٽ ھوندي جتان لانگ مارچ لاهور ۽ پوءِ اسلام آباد جو رخ ڪندو. اڱاري ڏينهن پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي صدارت هيٺ 27 فيبروري تي لانگ مارچ جي انتظامن جي حوالي سان سنڌ پيپلز يوٿ، ليڊيز ونگ، هاري ڪميٽي، ليبر ونگ جو صوبائي سطح جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وقار مهدي، عاجز ڌامراهه، نعمان شيخ، شڪيل ميمڻ لال چند اڪراڻي، جاويد ناياب لغاري، حبيب جنيدي، سعديه جاويد، پنهل لهر سميت ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، هن چيو  ته يوريا جو بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ آبادگارن کي يوريا ڀاڻ ڳولهڻ سان به نه پيو ملي، هن چيو ته پي ڊي ايم جيڪڏهن لانگ مارچ کي استعيفائن سان مشروط ڪري لانگ مارچ ملتوي نه ڪري ها ته اڄ وفاقي حڪومت گهر ڀيڙو هجي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.