ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس، برسات ۽ برف باري متاثرن جي مدد تي واکاڻ

راولپنڊي(م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ داخلي سڪيورٽي صورتحال ۽ بارڊر مينجمينٽ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو،جڏهن ته آپريشن ردالفساد جي ڪاميابين تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 246 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي، جنهن دوران سڪيورٽي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. آپريشن ردالفساد جي اڳڀرائي ۽ ڪاميابين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مري جي برفاني طوفان ۽ بلوچستان ۾ برسات سبب پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال ۾ متاثرن جي مدد ڪرڻ واري عمل جي واکاڻ ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.