فورسز جو احترام پر قبضن سان ڪهڙو پيغام ويندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي تخت گاهه ۾ مارگلا نيشنل پارڪ ۾ قائم مونال ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ ۽ نيوي گالف ڪورس کي اڄ ئي سي ڊي اي جي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله شهر ۾ حددخلين ۽ قبضن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جتي بچاءَ وارو سيڪريٽري۽ گهرو سيڪريٽري پيش  ٿيا.چيف جسٽس چيو ته مارگلا هلز نيشنل پارڪ تي جيڪڏهن ڪير ملڪيت جي دعويٰ ڪري ٿو ته غلط آهي، نيشنل پارڪ محفوظ ٿيل علائقو آهي، جيڪو وفاقي حڪومت جو آهي، نيوي حددخليون ڪري گالف ڪورس ٺاهيو، آرمڊ فورسز کي به قانون تي عمل ڪرڻو پوندو، هر شهري آرمڊ فورسز جو احترام ڪندو آهي پر حددخلين سان ڪهڙو پيغام ويندو، جڏهن ائين نه ٿيندو ته عام ماڻهو پاڻ قانون تي هلندو، عام ماڻهو ته نيشنل پارڪ ۾ نٿو گهڙي سگهي، اهو اشرافيا جي ڪري آهي، جڏهن حڪومت جا ادارا حددخليون نه ڪندا ته ٻئي ڪنهن کي به همت نه ٿيندي.هاءِ ڪورٽ نيوي گالف ڪورس کي اڄ ئي سي ڊي اي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي بچاءَ واري سيڪريٽري کي چيو ته يقيني بڻايو ڪجهه اهڙو نه ٿئي، جو پوءِ شرمندگي جو سبب بڻجي، توهان تسليم ڪيو ته گالف ڪورس غير قانوني آهي.سي ڊي اي چيئرمين چيو ته اسان نيوي سيلنگ ڪلب ڪيرائڻ جو نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ تقريبن سڀني سرڪاري ادارن اورانگهيو آهي.چيف جسٽس چيو ته ٽن فورسز جي سيڪٽرز ۾ به سورا قانون لاڳو ٿيندا آهن، ڪهڙو عمل ٿي رهيو آهي؟ ايئر فورس اڏاوتن لاءِ ڇا سي ڊي اي کان منظوري ورتي؟ ٿي سگهي ٿو ته انهن جا ڪجهه سيڪيورٽي خدشا هجن، بچاءَ وارو سيڪريٽري موجود آهي، خدشا ٻڌو ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪرايو، اسلام آباد ۾ فورسز جي ٽن سيڪٽرن ۾ قانون خلاف اڏاوتون نه ٿيڻ گهرجن ها، اسلام آباد مارگلا هلز ملٽري فارمز جي نه وفاقي حڪومت جي ملڪيت آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي اڄ ئي مونال کي سيل ڪرڻ ۽ سي ڊي اي کي نيوي گالف ڪورس پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري ناجائز قبضي جي ذميوارن خلاف جاچ ڪرائي، مونال جي ليز ختم ٿي وئي آهي ته ان کي سيل ڪري ڇڏيو.عدالت مارگلا ۾ نيشنل پارڪ ۾ قائم مونال ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ۾ هٿياربند فوج جا ٽي نوان سيڪٽر بڻجي رهيا آهن، انهن کي ڪير ڏسندو؟ فورسز جي سيڪٽرن ۾ به سمورا قانون لاڳو ٿين ٿا، ڇا قانون تي عمل ٿي رهيو آهي؟ چيف جسٽس سوال ڪيو ته رياست جي رٽ ڇو ڪمزور ٿي آهي، عام ماڻهو ته نيشنل پارڪ ۾ گهڙي نٿو سگهي، اها زمين وفاقي حڪومت جي آهي، هن سوال ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت 8 هزار ايڪڙ زمين ڏني وئي؟ ڪهڙو نوٽيفڪيشن آهي جنهن تحت اها زمين فورسز کي ڏني وئي؟ عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان فورسز کي تڪراري بڻائي رهيا آهيو، هن چيو ته هٿياربند فوج کي به قانون تي عمل ڪرڻو پوندو، هر شهري فوج جو احترام ڪري ٿو، پر جڏهن قبضا ڪندا ته ڪهڙو پيغام ويندو، چيف جسٽس سيڪريٽري دفاع کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته توهان کي يقيني بڻائڻو آهي ته ڪا اهڙي شئي نه ٿئي ته بعد ۾ شرمساري ٿئي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پاڪستان نيوي حددخليون ڪري گالف ڪورس بڻايو، اها ڳالهه مناسب ناهي، گالف ڪورس جي زمين کي اڄ ئي سي ڊي اي حوالي ڪريو، ڇا گالف ڪورس سيڪيورٽي مقصدن لاءِ بڻايو ويو آهي، پر ائين ناهي، چيف جسٽس اسلام آباد جي مشهور ريسٽورنٽ مونال جي باري ۾ به سوال ڪيو ته اهو ڪيئن تعمير ٿي پئي سگهيو؟ اهو ته اتي بڻجڻ ئي نه گهرجي ها، عدالت ملٽري ڊائريڪٽوريٽ فارمز جي 8 هزار ايڪڙ ايراضي تي دعويٰ به غيرقانوني قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته 8 هزار ايڪڙ زمين مارگله نيشنل پارڪ جو حصو سمجهي وڃي، هٿياربند فوج خودمختيار ادارا ناهن، رياست جي رٽ ڇو ڪمزور ٿي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.