ميرپور ماٿيلي ۾ ڀاڻ وٺڻ لاءِ آيل آبادگارن تي پوليس تشدد، ڌرڻو

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ:  پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلي شهر ۾ يوريا ڀاڻ خريد ڪرڻ لاءِ آيل آبادگارن مٿان پوليس وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، بي وس آبادگارن کي سخت سردي ۾ پوليس تشدد سبب  زخمي ٿي پيا، آبادگارن يوريا ڀاڻ نه ملڻ توڙي پوليس تشدد خلاف ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن محمد حنيف بوزدار، سهراب پتافي،سونارو بوزدار، محمد علي کوکر ٻڌايو ته آبادگار يوريا ڀاڻ لاءِ سخت پريشان آهيون، ڀاڻ وٺڻ لاءِ اچون ٿا ته پوليس وحشياڻو تشدد ڪري ٿي، اها آبادگارن سان وڏي زيادتي آهي، ضلعي گهوٽڪي ۾ يوريا ڀاڻ جو هٿرادو کوٽ ڪري آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي، زرعي ڀاڻ جي ھٿراڌو کوٽ پيدا ڪري اسان جو فصل تباهه ڪيو پيو وڃي، دانھن کڻي ڊي سي آفيس اچون ٿا ته صاحب آفيس ۾ ناھي جو چئي موٽايو وڃي ٿو. هنن چيپو ته پوليس اهلڪار شوڪت سيال، زاھد ملڪ، اڪبر ملڪ بنا جواز تشدد ڪيو سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.