ٺل ۽ مبارڪپور ۾ ڇاپا، ڀاڻ هٿ، گودام سيل

ٺل/مبارڪپور(نمائندا) اسسٽنٽ ڪمشنر ٺل عبدالخالق ڀنگوار پاران واپارين پاران ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي شڪايتن بعد ٺل شهر  سميت ميرپورٻرڙو جونگل باهوکوسو سميت ٻين شهرن ۾ ڀاڻ مارڪيٽ تي ڇاپا هنيا جتي وڏي تعداد ۾ ڀاڻ هٿ ڪيو ويو جڏهن ميرپورٻرڙو ۾ ڪاروائي دوران ڀاڻ هٿ ڪيو ويو جتي اي سي پاران ڀاڻ جو گدام پڻ سيل ڪيو ويو جڏهن ته ٺل شهر جي ڀلاڻڪر بازار ۾ ڪاروائي دوران هٿ آيل ڀاڻ کي سرڪاري ريٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالخالق ڀنگوار پاران سو کان وڌيڪ آبادگارن کي ٽوڪن ڏئي سرڪاري ريٽ ۾ ڀاڻ ڏيڻ جون هدايتون ڪيون رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالخالق ڀنگوار ٻڌايو ته آبادگارن جي شڪايتن بعد ڪاروايون ڪيون جتي ميرپورٻرڙو ۾ گدام سيل ڪيو آهي، ميرپورٻرڙو ۾ اي سي ٺل  عبدالخالق ڀنگوار بليڪ تي يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙ عبدالشڪور آرائين جي گدام تي  ڇاپو هڻي 12 سئو ٻوريون يوريا ڀاڻ جون هٿ ڪري ورتيون، جڏهن ته اي سي ٺل هٿ ڪيل ڀاڻ کي سيل ڪري ڇڏيو ۽ سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.