اسلام آباد تشدد، متاثرعورت عثمان مرزا تي الزامن کان ڦري وئي

اسلام آباد( م ڊ)  جوڙي تي تشدد ۽ نامناسب حرڪتون ڪرڻ جي ڪيس ۾ اهم موڙ اچي ويو آهي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جوڙي تي تشدد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  متاثر ڇوڪري اڳوڻي بيان تان ڦري وئي ۽  عدالت ۾ اسٽامپ پيپر جمع ڪرائيندي وڪيل به تبديل ڪيو.. متاثر عورت عدالت ۾ گواهي ڏيندي چيو ته پوليس معاملو پاڻ ٺاهيو، مون ڪنهن به دٻاءُ ۾ حلف نامو نه ڏنو، نه ئي ڪنهن جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن ڪاغذ تي صحيحون ڪيون . هن چيو ته پوليس مختلف وقتن تي سادن ڪاغذن تي منهنجون صحيحون ۽  آڱرين جا نشان لڳائيندي رهي آهي. ريحان سميت ڪنهن به جوابدار مون سان زيادتي جي ڪوشش نه ڪئي، مان ريحان کي نٿي سڃاڻان ۽ نه ئي هو وڊيو ٺاهي رهيو هو. ان سلسلي ۾ جوڙي جو وڪيل به حيران ٿي ويو. هن چيو ته ڪالهه تائين جوڙو رابطي ۾ هو. صبح جو نمبر بند مليا. هن عدالت کي معاملي کان آگاهي ڏئي ڇڏي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.