ڪراچي ۾ 12 هين ڏينهن به جماعت اسلامي جو ڌرڻو

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ سنڌ اسمبلي آڏو جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڪالهه 12 ڏينهن به جاري رهيو، احتجاجي ڌرڻي ۾ ڪارڪنن کي  خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي واسين سان زيادتين خلاف هي ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته مڪاني نظام بابت منظو ڪرايل قانون ۾ ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ سان زيادتي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته  وڏيرن ۽ جاگيردارن واري سوچ وارو هي قانون ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، انهي ڪري انهي نظام جي خاتمي ۽ بلدياتي قانون 2013ع جي ترميمي قانون 2021 جي واپسي تائين ڌرڻو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.