موري واسي نوجوان ڪراچي ۾عورتاڻا ڪپڙا پهرائي گهٽا ڏئي قتل

مورو (رپورٽ: شاھنواز ڀٽي) موري ڀرسان ڳوٺ مڪراري جو رھواسي 22 ورهين جو نوجوان محراب زرداري پٽ فقيرو زرداري ڪراچي ۾گهٽا  ڏئي قتل، نوجوان جي والد فقيري زرداري عوامي آواز کي ٻڌايو ته نوجوان ڪراچي ۾ درزڪو ڪم ڪندو هو، جنهن کي اڻڄاتل ۾ ماڻهن گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي ۽ پٽ کي عورتاڻا ڪپڙا پارائي قتل ڪيو ويو ۽ لاش جي تذليل ڪئي وئي آهي. اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي،  سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي پٽ جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏيارين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.