جيڪب آباد ۾ زميندار قتل، اوطاق مان لاش مليو

جيڪب آباد (رپورٽ سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڊکڻ محلا جي هڪ گهر جي اوطاق مان زميندارسيفﷲ کوسو جي گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي اهڙي اطلاع تي پوليس جاء واردات پهچي لاش تحويل۾وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ ثناء الله کوسو ٻدايو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي خبر ناھي اسان سان ڪنھن ظلم ڪيو آهي انهي سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ايئرپورٽ يار محمد لاشاري ٻڌايو ته فوتي سيف الله کوسو کي لوندڙي ۾ گولي لڳل آھي ۽ قتل جو شڪ آهي وارث لاش دفنائڻ لاءِ جھٽ پٽ بلوچستان ويا آهن واپس اچي ڪيس داخل ڪرائين ته خبر پوندي  وڌيڪ جاچ جاري آهي ٻئي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پوليس قتل جي شڪ ۾ مقتول جي دوست بلوچستان واسي کي گرفتار ڪري ڳجھي ھنڌ رکيو آھي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.