بلوچستان جي مقدر ۾ رڳو چيڪ پوسٽون آهن:مولانا هدايت الرحمان

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) گوادر کي حق ڏيو تحريڪ جي باني ۽ جماعت اسلامي  بلوچستان جي جنرل سيڪريٽري مولانا هدايت الرحمان چيو آهي ته بلوچستان امير ترين صوبو هئڻ باوجود هتان جا ماڻهو غربت ۽ جهالت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ريڪوڊڪ سينڊڪ جي علائقن ۾ دنيا جو چوٿون سون جو ذخيرو دريافت ٿيو پر اتان جي ماڻهن جي پيرن ۾ جُتي به ناهي، پاڻي، بجلي، تعليم ۽ روزگار به ناهي، حب ۾ جامعه اسلاميه مينگل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 200 صنعتن باوجود حب ۾ بيروزگاري جو دور آهي، گوادر کي سنگاپور ۽ دبئي بڻائڻ جون دعوائون ڪيون ويون، نه موٽروي آهي نه روزگار آهي، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن جي به کوٽ آهي، صوبائي حڪومت اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ته 16 جنوري کان ٻيهر احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته بلوچستان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو روزگار آهي،مهاڻن جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي، هن چيو ته اڄ به اسان جا هزارين ماڻهو لاپتا آهن، انهن جون مائرون، ڀينرون پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ بلوچستان ۽ اسلام آباد جي روڊن تي احتجاج ڪندي نظر اچن ٿيون، هن چيو ته ٻاهر جي ٽرالر مافيا اسان جي ساحل کي تاراج ڪري رهي آهي، هن چيو ته سي پيڪ جهڙي رٿا ۾ اسلام آباد جي حڪمرانن بلوچستان سان غداري ۽ فراڊ ڪيو آهي،صوبي سان ٿيندڙ زيادتين جو ذميوارجاگيردار، سرمائيدار، سردارن،نوابن جو ٽولو آهي، اسان جي مقدر ۾ چيڪ پوسٽون آهن، نه موٽروي آهي نه روزگار آهي،هن چيو ته حب جي صنعتن ۾ مقامي ماڻهن جي 70 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد ڪيو وڃي، 3 مهينن کانپوءِ 10 لک ماڻهو گڏ ڪري ڪوئيٽا ڏانهن لانگ مارچ ڪنداسين، ان موقعي تي مولانا نياز محمد، محمد جان مري، حيات خان مري، غلام سرور ۽ ٻيا ڪارڪن موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.