ٽنڊي ڄام ۾ وڏو سانحو، زهريلو ٺرو واپرائڻ سبب 7 ڄڻا فوت

ٽنڊوڄام(رپورٽ : احمد سجاد لاشاري) ٽنڊي ڄام ۾ ٻيو ڀيرو وڏو سانحو، زهريلي شراب واپرائڻ سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي، ٽنڊوڄام ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب شهر جي مختلف علائقن جا 5 نوجوان ۽ هڪ کيسانه موري واسي نوجوان فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل هجڻ جا اطلاع پڻ آهن، زهريلو شراب واپرائڻ سبب ٽنڊوڄام جي مظفرآباد ڪالوني، ڪريم آباد ڪالوني ، رشيد ڪالوني ۽ سي وي ڊي ايل ڪالوني ويجهو 5 نوجوان ٿوري ٿوري وقفي بعد فوت ٿي ويا آهن، مليل ڄاڻ موجب رشيد ڪالوني جو حامد قائم خاني، ڪريم آباد ڪالوني جو عرفان خانزادو رشيد ڪالوني جو عارف راجپوت، سي وي ڊي ايل ڪالوني جو راهوسي نوجوان ڪيول، ڪمال، عامر، کيسانه موري ويجهو جمن سولنگي نالي شخص جي به شراب واپرائڻ سبب فوتگي جي تصديق ٿي آهي. رابطي ڪرڻ تي فوتين جي ويجهن ذريعن سڀني ڄڻن جي شراب واپرائڻ سبب فوتگي جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته سندن گهرڀاتي واقعي کي بيماري ڄاڻائي رهيا آهن، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوڄام پوليس پاران صبح 9.30 وڳي تائين فوتگين ۽ معاملي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي رهي، بعد ۾ ايس ايڇ او ٽنڊوڄام رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع مليو آهي. ياد رهي ته هن علائقي ۾ ڪجهه سال اڳ زهريلو شراب واپرائڻ سبب 22 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا هئا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.