آمريڪا ۾ ڪراچي واسي ڊاڪٽر انسان ۾ سوئر جي دل لڳائي ڇڏي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ پاڪستاني ڊاڪٽر منصور محيءُ الدين ميڊيڪل سائنس جي دنيا ۾ ڪارنامو انجام ڏيندي مريض ۾ ڪاميابي  سان سوئر جي دل لڳائي ڇڏي. يونيورسٽي آف ميري لينڊ ميڊيڪل اسڪول موجب هڪ مريض ۾ ڪاميابي سان جينياتي طور تي تبديل ٿيل سوئر جي دل لڳائي وئي، جنهن کانپوءِ آمريڪا سان واسطو رکندڙ 57 ورهين جو ڊيوڊ بينيٽ دنيا جو پهريون انسان بڻجي ويو، جنهن کي جينياتي طور تبديل ٿيل سوئر جي دل لڳائي وئي آهي. آمريڪا ۾ اهو ڪارنامو ڪراچي سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر منصور محيءُ الدين انجام ڏنو، جيڪو ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز مان گريجوئيٽ آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر منصور جو چوڻ هو ته شروعاتي تجربن ۾ ڀولي جي دل لڳائي ويندي هئي پر اها فائديمند ثابت نه ٿي، جڏهن ته سوئر جو تجربو فائديمند رهيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.