عمران نيازي هڪ ارب ڊالر خاطر گوڏا کوڙي ڇڏيا: شهباز شريف

اسلام آباد( م ڊ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي هڪ ارب ڊالرن خاطر آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، ايٽمي  طاقت ۽ هٿ ۾ ڪستو گڏ و گڏ نه ٿا هلي سگهن. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزير چيو هو ته عمران خان آءِ ايم ايف آڏو اٽل ٿي ويندو پر هن ته گوڏا کوڙي سگهيا آهن. هن چيو ته اسد عمر مني بجيٽ ۾ 400 ارب ۽ حفيظ شيخ ۽ شبر زيدي جي جوڙيءَ 700 ارب رپين جا ٽئڪس لڳايا هئا. هن چيو ته ذوالفقار ڀٽي ۽ ٻين جي ڪوششن سان ملڪ ايٽمي طاقت بڻيو، هن حڪومت جي مني بجيٽ اسان جي پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون وجهي ڇڏيندي. اجلاس ۾ شهباز کي جواب ڏيندي اسد عمر چيو ته  پ پ ۽ ن ليگ آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪيا هاڻ اسان کي غيرت جو درس پيا ڏين. هن چيو ته گري لسٽ ۾ ملڪ ن ليگ جي دور ۾ آيو. هن چيو ته نواز شريف غيرت جو مظاهرو ڪندي وطن واپس اچي. اسد عمر چيو ته شهباز شريف آصف زرداري کي علي بابا 40 چور سڏيندو هو، پيٽ ڦاڙڻ وارا بيان ڪاڏي ويا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.