ڪنڌڪوٽ جي آبادگارن کي ڀاڻ نه مليو،ڌرڻو، انتظاميا پنهنجا نوازي ڪئي

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ:  ممتاز سنڌي+عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ سرڪاري اگھه تي ڀاڻ نه ملڻ ڪري آبادگار سخت پريشانين کي  منهن ڏئي رهيا آهن. پڪڙيل چار ٽرالر سرڪاري اگهھ تي وڪرو ڪرڻ بدران ضلعي انتظاميا من پسندن بااثرن سياسي اثر تي ۽ ڊيلرن کي ڏئي ڇڏيا غريب مسڪين آبادگار ڀاڻ وٺڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ضلعي ڪامپليڪس ۾ انتظار ڪندا رھيا، پر بي پھچ مسڪين غريب آبادگار بنا ڀاڻ جي واپس ھليا ويا، انھي حوالي سان ايس ٽي پي ضلعي جي گڏجاڻي سنڌ ھائوس تي اڪرم باجڪاڻي جي صدارت ھيٺ ٿي جنهن ۾ قمردين سھرياڻي، جيوڻ خان، اويس کوسو، خادم ملڪ، زابر خان، مشتاق خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي گڏجاڻي بعد ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڀاڻ جي بليڪ وڪرو ڀاڻ جي کوٽ جا ذميوار ڊي سي،اي سي ۽ ضلعي انتظاميا ذميوار آهي گذريل ڏينهن چار ٽرالر پڪڙيا ويا جيڪي ضلعي ڪامپليڪس ۾ رکراياسين جيڪي انتظاميا غريب مسڪين آبادگارن کي ڏيڻ بدران سياسي بااثر،من پسندن ۽ واپارين کي ڏنا ويا في ٻوري تي انتظاميا جا چار سو روپيا مقرر ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.