ڪي ايم هائوسنگ سوسائٽي کي 200 ايڪڙ جي الاٽمينٽ رد

اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) سپريم ڪورٽ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي کي  200 ايڪڙ سرڪاري زمين الاٽمينٽ غير قانوني قرار ڏيندي ڪي ايم سي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ کي الاٽ ڪيل ڄاڻايل زمين جي الاٽمينٽ رد ڪري ڇڏي. عدالت ڄاڻايل زمين تي سنڌ حڪومت طرفان منظوري به غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ڪي ايم سي گٽر باغيچا جي 200 ايڪڙ زمين پنهنجي 80 سيڪڙو ملازمن کي الاٽ ڪئي. سنڌ حڪومت طرفان منظوري بظاهر طور تي سيڪشن آفيسر ڏني. منظوري جي خط ۾ مجاز اٿارٽي جو ڪٿي به ذڪر نه آهي، قانون مطابق زمين صرف تعليمي، مذهبي يا رفاعي مقصدن لاءِ ڏئي سگهجي ٿي. ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڪا شخصيت آهي، تنظيم آهي ۽ نه ئي سرڪاري ادارو، هائوسنگ سوسائٽيءَ کي زمين ڏيڻ رفاعي مقصدن ۾ نٿو اچي. ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي فوري طور تي زمين تان قبضو ختم ڪرائي. اڱاري ڏينهن چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ڪي ايف سي جي وڪيل دليل ڏيندي مؤقف اختيار ڪيو ته سوسائٽيءَ ۾ 3 لک ماڻهو آباد آهن، عدالت بيواهه عورتن جي بنيادي حقن جو به سوچي، ان دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت ڪراچيءَ جي رهواسين جي بنيادي حقن کي نظر ۾ رکڻو آهي، بيواهن کي پينشن جي صورت ۾ انهن جو حق ملي رهيو آهي، ريلوي سميت ڪيترن ئي ادارن جي سوسائٽيز ختم ڪيون ويون آهن. ڪي ايم سي پنهنجي ملازمن کي سڌيءَ ريت يا اڻ سڌيءَ طرح زمين نٿي ڏئي سگهي، ڇا اسان سپريم ڪورٽ جي زمين پنهنجي ملازمن کي ڏئي سگهون ٿا؟ سپريم ڪورٽ وٽ پارڪ، لان ۽ ٻي ايراضي به آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.