16 ارب جاري ٿيڻ باوجود سکر بئراج جي گيٽن جو ڪم نه ٿيو

سکر (رپورٽ:اظهر علي دايو)سنڌ حڪومت جي بي ڌياني سبب آبپاشيءَ کاتي سکر جي آفيسرن  سکر بئراج جي مستقل بحالي وارو ڪم نظر انداز ڪري ڇڏيو سال 2019  ۾ سکر بئراج جي مستقل بحالي جي مد ۾ ورلڊ  بينڪ پاران 16  ارب روپيا جاري ٿيڻ باوجود ھن وقت تائين رڳو ڇھ گيٽن جي  تبديلي وارو ڪم به مڪمل نه ٿي سگهيو ورلڊ بينڪ پاران سکر بئراج جي بحالي لاءِ جاري ٿيندڙ 16  ارب روپين ۾ بي قاعدگين جو انڪشاف به ٿيو آهي، ڪجھ وقت اڳ اينٽي ڪرپشن جي آفيسرن پاران نوٽس وٺڻ باوجود آبپاشي کاتي جون اعلي اختياريون حرڪت ۾ نه آيون ورلڊ بينڪ پاران جاري ٿيندڙ اربين روپيا ٻڏڻ جو خدشو  سالانه بندي جي مد ۾ بئراج جي گيٽن جي چين رولرز ريپليسمينٽ رنگ روغن جي مد ۾ ڪروڙين روپيا پڻ ڪرپشن جي نظر ٿي وڃن ٿا ، 6 گيٽن جي تبديل ٿيڻ وارو مسئلو هڪ سال گذري وڃڻ باوجود رولڙي جو شڪار آهي. گيٽ تبديل ڪرڻ وارو ڪم جن ڪمپنين ۽ ٺيڪيدارن کي ڏنو ويو آهي اهي ڪا ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگھيا آهن  ماهر انجنيئرن جو چوڻ آهي ته گيٽ مٽائڻ دوران بئراج جو ڪم لاهي ڇڏيو آهي. ناقص ڪم گيٽ لهڻ ۽ کڄڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آهن مطلب ته جيڪو پهريون نور هيو اهو به ڄاڻايل ٺيڪيدارن  چٽ ڪري ڇڏيو آهي معلومات موجب  بئراج جي گيٽن لاءِ امپورٽيڊ گريس جي بجا۽ ريفائين ٿيل سڙيل ڪارو موبايل استعمال ڪري گيتن کي تباھي ڪناري پھچائي ويو آهي  پر افسوس جو سکر بئراج تي سالياني بندي جي ڪم دوران ناتجربيڪار ۽ هڪ سئو کان 2 سئو تي ڏهاڙي تي ننڍي عمر جي ٻارن  کان گيٽن ڪارو موبيل ھڻايو وڃي ٿو جڏھن ته گيٽن جي آئلنگ ۽ گريسنگ نه پئي ڪرائي وڃي  ۽ اهو گريس ۽ آئل جيڪو استعمال ٿيندو آهي، بئراج تي 20 ڏينهن دوران صفائي ڪندڙ عملي کي به خبر ناهي هوندي. ان ڏس ۾ ذريعن وٽان مليل وڌيڪ  ڄاڻ موجب ته ڪوالٽي وارو ڪم نه ٿيڻ جي ڪري ۽ چيڪ اينڊ بيلنس واري ماهر ٽيم نه هجڻ جي ڪري سکر بئراج سان ڄڻ جٺ وارو سلسلو ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ آهي ۽ ڪيترن ئي  سالن کان گيٽن کي رنگ به ناهي ڪرايو ويو، ساڃاهه وندن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته افسوس آهي آبپاشي کاتي جي ڪامورن ڪرپشن  جون سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون آهن جنھن ڪري آبپاشي نظام سخت متاثر ٿي رھيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.