ههڙي نااهل ۽ نڀاڳي حڪومت تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي آئي: شهباز شريف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي غربت، مهانگائي ۽ نه ئي وري مري جي حادثي کي ڪنٽرول ڪري سگهيا، ان کان وڌيڪ نااهل ۽ نڀاڳي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي آئي.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته مني بجيٽ به تحريڪ انصاف جي روايت موجب يوٽرن آهي، حڪومت جي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، هي ڳالهه هڪڙي ڪندا آهن ۽ عمل ٻيو ڪندا آهن، شفاف چونڊون ٿيون ته عوام هنن کي اٽي ۽ دال جو اگهه ٻڌائي  ڇڏيندي.

هن چيو ته شوڪت ترين شاهدي ڏئي ته اسان جا ايل اين جي منصوبا سڀني کان سستا لڳا، هن سستا منصوبا لڳائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي هئي، اڄ خبر ناهي هن کي ڇا ٿي ويو آهي جو آءِ ايم ايف کي ويجهو ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن فيٽف بل تي ملڪ جي لاءِ سهڪار ڪيو، اسان سهڪار ڪيو ته جواب ۾ اسان کي چور ۽ ڦورو چيو ويو، ڪنهن ڪنٽينر تي بيهي چيو هو ته بجلي مهانگي ٿئي ته وزيراعظم چور هوندو آهي؟ حڪومت آءِ ايم ايف جي سامهون عوامي مفاد ۾ بيهي ته اپوزيشن ساٿ ڏيندي، حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط نه مڃي ته ساٿ ڏينداسين.

شهباز شريف چيو ته هي 50 لک گهر ٺاهڻ وارا 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪري چڪا آهن، گهر ٺاهڻ جي لاءِ ته حڪومت هڪ سر به ناهي رکي، هاڻي مديني جي رياست جو نالو وٺندي به خوف ٿيندو آهي، موجوده حڪمران ته هاڻي سيڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.