سنڌ جا ماڻهو به اسان جا آهن، کين صحت ڪارڊ ملڻ گهرجي: علي محمد خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته اسان سنڌ جي ماڻهن کي صحت ڪارڊ ڏيڻ چاهيون ٿا.

سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي علي محمد خان چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سياست کان مٿانهون ٿي سوچي، اسان سنڌ جي ماڻهن کي به صحت ڪارڊ ڏيڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته مان ان معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات لاءِ به تيار آهيان، اهو نه سوچيو ته هي صحت ڪارڊ تحريڪ انصاف جو آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو به اسان جا ماڻهو آهن، انهن کي صحت ڪارڊ جي سهولت ملڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.