حيدرآباد: نوجوان مهراڻ ميراڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد ۾ نوجوان مهراڻ ميراڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مهراڻ ميراڻي جي ڀائرن شاهجان ميراڻي، نور احمد ميراڻي، مختيار ميراڻي ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هڻندي چيو ته گذريل رات دير سان اهلڪارن گھر ۾ گھڙي مهراڻ ميراڻي کي کڻي  کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي هن وقت تائين ڪا به خبر ناهي پئجي سگھي ۽ ئي سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي.

هنن چيو ته مهراڻ ميراڻي کي ٻه ڀيرا اڳ به کنڀي گم ڪيو ويو هو جيڪڏهن سندس ڪو ڏوهه آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

احتجاج ڪندڙ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.