گھوٽڪي: سائين سترام داس جي ورسي جي موقعي تي مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم

ميڊيڪل اسٽور يونين گهوٽڪي ۽ ايس ايس ڊي ڌام پاران ستگرو شهنشاهه سائين سترام داس جي 112 هين ورسي جي موقعي تي هڪ ڏينهن جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ سوين مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪري کين مفت دوائون ڏنيون ويون.

ڪيمپ جو افتتاح ميڊيڪل اسٽور يونين گهوٽڪي جي صدر وجي ڪمار موٽواڻي، جنرل سيڪريٽري سنتوش ڪمار، ۽ ٻين ڪيو، ميڊيڪل ڪيمپ ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن 400 کان وڌيڪ مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪيو ۽ کين مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون جڏهن ته شگر ۽ ٻيا ٽيسٽ به ڪيا ويا جڏهن ته مريضن کي ڪورونا ويڪسين پڻ لڳائي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.