دادو: شهر ۾ بدامني، چوري ۽ ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل

دادو شهر ۾ وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون، اڻڄاتل چور پوليس هيڊ ڪوارٽر جي سامهون موجود گڊس ٽرانسپورٽ اڏي جي ڇت ٽوڙي لکين رپين جو سامان چوري ڪري فرار  ٿي ويا.

متاثر اصغر سولنگي جو چوڻ هو ته  پوليس هيڊڪواٽر جي سامهون دوڪان آهي اُتي به محفوظ ناهيون ته آخر ڪاڏي وڃون.

ٻي پاسي اڻڄاتل چور ميونسپل ملازم خواجا سراه حمزو ميمڻ جي  گهر جا تالا ٽوڙي گهر مان 5 لک کان وڌيڪ ماليت جي چوري ڪري ويا.

متاثر خواجه سراه حمزي ميمڻ جو چوڻ هو ته رات مائٽن جي شادي تي ويل هئاسين ته پويان چور گهر جو تالو ٽوڙي سونا زيور ۽ 98 هزار رپيا روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.