بدين ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

بدين ڀرسان مهراڻ چوڪ وٽ ٻٽ ٻڌل اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فارئنگ ۾ حنيف ملاح، خدا ڏنو ابڙو ۽ هڪ اڻڄاتل شخص زخمي ٿي پيو.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي بدين پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي انڊس سول اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.