پي ايس ايس ڪيڊر جا پروموشن روڪڻ تي خط، چيف سيڪريٽري سنڌ جون اهم هدايتون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پراونشل سول سروسز جا پروموشن روڪڻ جي معاملي تي آل پاڪستان پراونشل سول سروسز جي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي.

ان ڏس ۾ آل پاڪستان پراونشل سول سروسز جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ايم بي ڌاريجي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکيو آهي.

خط جي متن ۾ ڪراچي اي ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس ڪيڊر آفيسرن جي پروموشن لاءِ بورڊ 2 جو شيڊيول جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

خط ۾ وڏي وزير کي پروموشن ڏيڻ بابت منظور ٿيل سمري جو به حوالو ڏنو ويو آهي ۽ چيف سيڪريٽري کي قانوني پهلوئن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اي ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس ڪيڊر جا پروموشن روڪڻ غير قانوني عمل آهي.

آل پاڪستان پراونشل سول سروسز جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ايم بي ڌاريجي موجب چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاهه خط تي سيڪريٽري سروسز کي پروموشن بابت ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.