ڏاج لاءِ نُنهن کي هراسان ڪندڙ سَسُ کي جيل موڪلڻ جو حڪم

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ ڏاج جي معاملي تي نُنهن کي هراسان ڪندڙ سسُ کي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ سسُ پاران نُنهن کي ڏاج جي معاملي تي هراسان ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عورت کي ڏاج جي معاملي تي هراسان ڪرڻ واري قانون تحت سزا ٻڌائي وئي.

عورت تي الزام هو ته هُن پنهنجي نُنهن کي ڏاج جي لاءِ هراسان ڪيو، جنهن بعد نُنهن مبينا طور تنگ ٿي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، عدالت 64 ورهين جي عورت جي اپيل رد ڪندي کيس 3 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته هڪ عورت پاران پنهنجي نُنهن مٿان ڪنهن شئي جي لاءِ ظلم ڪرڻ تمام سنگين ڏوهه آهي ۽ جڏهن هڪ عورت ٻي عورت جو تحفظ نه ڪندي ته صورتحال خراب هوندي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد عورت کي 3 مهينا جيل ۾ گذارڻا پوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.