ڪورونا متاثر ٻارن ۾ هڪ ٻيو خطرناڪ مرض ٿيڻ جو انڪشاف

ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيندڙ ٻارن ۾ شگھر ٽائيپ 1 يا2 ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو نمايان حد تائين وڌي وڃي ٿو.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.

ان کان اڳ ڪجهه طبي تحقيقي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا وائرس نه رڳو شگر جي مريضن لاءِ موتمار ثابت ٿيندڙ مرض آهي پر اهو مختلف بالغ مريضن ۾ ان ميٽابولڪ بيماري کي به متحرڪ ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

يورپي محققن ڪورونا وائرس جي وبا جي شروعات کان هيل تائين شگر ٽائيپ 1 جو شڪار ٿيندڙ ٻارن جي انگ ۾ واڌ کي رپورٽ ڪيو.

پر سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پرونٽيشن (سي ڊي سي) جي تحقيق ۾ پهريون ڀيرو ڪورونا وائرس متاثر ٿيندڙ 18 ورهين کان گھٽ عمر جي ٻارن ۾ شگر جي نون ڪيسن جي شرح جو ڪاٿو لڳايو ويو.

ان مقصد لاءِ آمريڪا ۾ انشورنس ڪليمز جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي ته جيئن 18 ورهين کان گھٽ عمر جي اهڙن ٻارن ۾ شگر جي نون ڪيسن جو ڪاٿو لڳائي سگھجي جيڪي ڪورونا متاثر رهي چڪا آهن.

ڊيٽا بيس ۾ پهرين مارچ 2020ع کان شگر ۾ مبتلا ٿيندڙ ٻارن کي 2 ڌڙن ۾ ورهايو ويو، هڪ جيڪي ڪورونا کي شڪست ڏئي چڪا هئا ۽ ٻيو جيڪي ان مرض کان محفوظ رهيا هئا.

محققن ٻنهي ڊيٽا بيس جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ شگر جي نون ڪيسن جي شرح ۾ واڌ کي دريافت ڪيو.

پهرين ڊيٽا بيس موجب ان عرصي ۾ شگر جي مرض جي شرح ۾ 2.6 سيڪڙو واڌ ٿي جڏهن ته ٻين ڊيٽا بيس ۾ واڌ جي شرح 30 سيڪڙو دريافت ٿي.

محققن ٻڌايو ته 30 سيڪڙو واڌ به خطري ۾ وڏي واڌ جو اشارو ڏئي ٿي.

هنن ٻڌايو ته اڃا اهو واضح نه آحي ته ٻارن ۾ شگر ٽائيپ 2 دائمي مرض آهي يا وقت سان گڏوگڏ ختم ٿي ويندو، پر شگر ٽائيپ 1 ريورس ايبل ناهي ڇو جو انهن ٻارن جي مانيٽرنگ رڳو ساڍن 4 مهينن تائين ٿي.

هنن چيو ته نتيجن مان اهڙن سمورن ٻارن ۾ ويڪسينيشن جي اهميت جو اظهار ٿئي ٿو جيڪي ويڪسينز جي اهل آهن جڏهن ته احتياطي تدبيرون جهڙوڪ فيس ماسڪ جو استعمال ۽ سماجي وٿي وغيره جي اهميت به ظاهر ٿئي ٿي.

ماهرن موجب طبي ماهرن ۽ والدين لاءِ اهو گھڻو ضروري آهي ته اهي شگر جي علامتن ۽ نشانين کان واقف هجن، ته جيئن ٻارن ۾ مرض جي جلد سڃاڻپ ٿي سگھي.

هنن چيو ته اُڃ وڌيڪ لڳڻ، هر هر پيشاب اچڻ، وزن ۾ بنا ڪنهن سبب جي گھٽتائي ۽ ٿڪ شڪر جي ڪجهه وڏين علامتن مان هڪ آهن.

هنن اهو به ٻڌايو ته جسماني وزن ۾ واڌ ۽ سست طرز زندگي يعني وڌيڪ ويهي گذارڻ به شگر ٽائيپ 2 جو خطرو وڌائيندڙ عنصر آهن.

تحقيق ۾ شامل گھڻن ٻارن ۾ شگر جي سڃاڻپ ان وقت ٿي جڏهن هنن انسولين جي ناڪافي مقدار سبب پيچيدگين کي منهن ڏنو.

تحقيق ۾ شگر جي ٻنهي قسمن جي شرح بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو پر اهو ضرور چيو ويو اهي ته ٽائيپ 1 ۽ ٽائيپ 2 ٻنهي جا ڪيس اهڙن ٻارن ۾ وڌيا جيڪي ڪورونا وائرس جو شڪار رهيا هئا يا علامتون به ظاهر نه ٿيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.