ڪراچي ۾ اڄ ڪورونا ڪيسن جي شرح ڪيتري رهي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح ۾ واڌ اچي وئي ۽ شرح اوچتو 18 سيڪڙو تائين پهچي وئي.

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن 4 هزار 469 ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 805 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽  اهڙي ريت شهر ۾ هاڪاري ڪيسز جي شرح 18 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي سڀ کان مٿين شرح وارن شهرن ۾ ڪراچي پهرئين نمبر تي آهي.

ڪراچي کانپوءِ ميرپورآزاد ڪشمير ۾ شرح 4.92، پشاور 4.19، لاهور 3.88، گلگت 3.70، حيدرآباد 2.83 ۽ اسلام آباد ۾ 2.78 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 16 هزار ماڻهن کي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائي وئي.

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هيل تائين 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 13 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻيو ڊوز لڳي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.