مڙس رڳو هڪ گاني تي شادي جي ڏينهن ئي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي

 

سڄي دنيا ۾ طلاق جي شرح ۾ تيزيءَ سان واڌ نظر اچي رهي آهي ۽ عام طور تي طلاق جا ڪجهه وڏا ڪارڻ هوندا آهن پر عراق ۾ طلاق جي حوالي سان پنهنجي نوعيت جو هڪ  انوکو واقعو پيش آيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب عراق جي شهر بغداد سان واسطو رکندڙ هڪ شخص شادي واري ڏينهن پنهنجي زال کي رقص ڪرڻ تان طلاق ڏئي ڇڏي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عراقي شخص جي ڪنوار شادي واري ڏينهن شامي گاني ”Mesaytara“ تي رقص ڪيو، جنهن جي سنڌي ۾معنيٰ آهي ”غالب اچڻ يا ڪنٽرول ڪرڻ“.

ان گاني تي ڪنوار جي رقص گهوٽ ۽ سندس ڪٽنب کي ايتري ڪاوڙ ڏياري جو شادي دوران ئي جهيڙو ٿي پيو ۽ شادي هال ۾ ئي طلاق ٿي وئي.

ميڊيا رپورٽس موجب ان گاني تي طلاق جو هي پهريون واقعو ناهي، ان کان اڳ به اُردن ۾ هڪ شخص ساڳئي گاني تي شادي واري ڏينهن ڪنوار کي طلاق ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.