ڪي ايم سي ايمپلائز ڪو آپريٽو سوسائٽي کي زمين جي الاٽمينٽ رد  

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪي ايم سي ايمپلائز ڪو آپريٽو سوسائٽي کي زمين جي الاٽمينٽ رد ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ڪي ايم سي ايمپلائز ڪو آپريٽو سوسائٽي کي زمين جي الاٽمينٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت 200 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ ۽ سنڌ حڪومت پاران ڏنل منظوري کي غير قانوني قرار ڏيندي ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي کي فوري طور قبضو ڇڏرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ چيو ته سنڌ حڪومت پاران منظوري ظاهري طور سيڪشن آفيسر ڏني، منظوري جي خط ۾ مجاز اٿارٽي جو ڪٿي ڪو ذڪر ناهي، قانون موجب زمين رڳو تعليمي، مذهبي يا وري رفاحي مقصدن جي لاءِ ڏئي سگهجي ٿي.

عدالت چيو ته ڪو آپريٽو سوسائٽي ڪا شخصيت ناهي، تنظيم ۽ نه ئي سرڪاري ادارو آهي، هائوسنگ سوسائٽي کي زمين ڏيڻ رفاحي مقصدن ۾ نٿو اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.