وزيراعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ  داخل درخواست رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت لڪي مروت جي رهواسي فدا الله جي درخواست ٻڌڻي بعد خارج ڪري ڇڏي.

درخواستگذار شهري چيو ته سينيٽ اليڪشن بعد عمران خان هڪ بيان ۾ چيو ته سندس 15 ايم اين ايز وڪامجي ويا آهن، شيخ رشيد به عمران خان جي بيان جي تصديق ڪئي هئي، مون پنهنجي درخواست ۾ عمران نيازي جي نااهلي جي اپيل ڪئي آهي.

چيف جسٽس چيو ته پنهنجي تڪ جي ايم اين اي کي چئو ته هن معاملي تي پٽيشن داخل ڪرائي، پوءِ عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.