اومي ڪرون جي علاج ۾ وڏي اڳڀرائي، ماهرن سٺي خبر ٻڌائي ڇڏي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جا سڄي دنيا ۾ ڪيس سامهون اچي رهيا آهن ۽ ان وائرس بابت ماهرن طرفان مختلف تحقيقون به ڪيون پيون وڃن ته ڪهڙي ويڪسين ان خلاف اثرائتي آهي.

طبي ماهرن ڪورونا وائرس جي اومي ڪرون قسم کان بچڻ لاءِ بوسٽر ڊوز جون صلاحون ڏنيون آهن، جڏهن ته ان وائرس خلاف وڏي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته تمام جلد اومي ڪرون جي ويڪسين متعارف ڪرائي ويندي.

مشهور آمريڪي دواساز ڪمپني فائزر جو چوڻ آهي ته اومي ڪرون کان بچاءَ جي ويڪسين مارچ تائين متعارف ڪرائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.