پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ، هاڪاري شرح 3.33 سيڪڙو ٿي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1400 کان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 43540 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 1467 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وڌيڪ ٻه ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.33 سيڪڙو رهي.

اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو گڏيل انگ 28974 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 13 لک 7 هزار 174 تي پهچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.