تاحيات نااهلي جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻ جي تياري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن تاحيات نااهلي ختم ڪرڻ جي لاءِ درخواست تيار ڪري ورتي، جيڪا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويندي.

درخواست سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن  پاران داخل ڪئي ويندي، جڏهن ته پٽيشنر سپريم ڪورٽ بار جو صدر احسن ڀون هوندو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تاحيات نااهلي جو اصول  لاڳو ٿيڻ کي رڳو چونڊ تڪرارن ۾ استعمال ڪيو وڃي.

درخواست ۾ آرٽيڪل 180 ۽ آرٽيڪل 99 جي تشريح جو به مطالبو ڪيو ويندو، جڏهن ته وفاق کي ڌر بڻايو ويندو.

سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون چيو آهي ته درخواست ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ داخل ڪرائي ويندي.

واضح رهي ته هلندڙ دور ۾ اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف ۽ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ جهانگير ترين سپريم ڪورٽ مان تاحيات نااهل ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.