عالمي مارڪيٽ ۾ سون مهانگو ۽ پاڪستان ۾ سستو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ لاهن چاڙهن جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 200 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 26 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 171 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 8 هزار 25 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر وڌڻ کانپوءِ هڪ هزار 807 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.