حڪومت جو نواز شريف جي واپسيءَ جي ضامن شهباز شريف خلاف عدالتي ڪارروائي جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينا شهباز شريف خلاف لاهور ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف جي شخصي ضمانت تي نواز شريف ٻاهر ويو، نواز شريف جو ٻاهر وڃڻ مڪمل فراڊ هو، نواز شريف 17 مهينن کان علاج نه ڪرايو.

هن چيو ته پنجاب حڪومت نواز شريف جي صحت بابت رپورٽون رد ڪري ڇڏيون، نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ جي فراڊ جو ذميوار شهباز شريف آهي ۽ شهباز شريف جي لاهور هاءِ ڪورٽ طلبي لاءِ درخواست ڏني ويندي.

سندس چوڻ هو ته مري ۾ تقريب 22 ڄڻا فوت ٿيا، 5 گاڏين سان واقعا پيش آيا، فوتگيون ڪاربن مونو آڪسائيڊ سبب ٿيون، وزيراعظم سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

فواد چوڌري چيو ته گهرو وزارت موجب هڪ لک 64 هزار گاڏيون مري ۾ داخل ٿيون، اسان 13 نوان سياحتي هنڌ متعارف ڪرايا، ملڪ ۾ سياحت جا وڏا موقعا آهن، ڪالام، ناران، سوات ۽ ٻين جاين تي سياحن جي رش آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.