آصف زرداري پ پ جي پي ڊي ايم ۾ واپسيءَ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پ پ جي ٻيهر پي ڊي ايم ۾ شموليت جو امڪان رد ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي آصف زرداري صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪئي.

ان هائوس تبديلي بابت سوال تي هن چيو ته انشاءَ الله بهتر ٿيندو.

هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا پ پ ٻيهر پي ڊي ايم جو حصو بڻجي رهي آهي؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته مان ائين نٿو سمجهان.

هن چيو مان ته چاهيو هيءَ حڪومت پهرئين ئي ڏينهن هلي وڃي، هي بي عقل آهن، انهن کان حڪومت نٿي هلي ۽ هاڻ تاريخ به اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي عوام جون حالتون آهن، ان ۾ حڪومت جو ڪجهه نٿو ٿي سگهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان اڳ به مارچ ڪندو رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.