لاڙڪاڻي ۾ هڪ ئي وقت ٽن شهرين کان هزارين رپيا ڦر

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد پيپلز ڪالوني ۾ موٽرسائيڪل سوار ڦورن هڪ ئي وقت هٿيارن جي زور تي ٽن شهرين عامر لاشاري کان 11 هزار، موبائيل فون، عارف عباسي کان موبائيل فون جڏهن ته موٽرسائيڪل سوار آفاق سانگي کان موبائيل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آهن. ان حوالي سان نوجوانن عامر لاشاري ۽ عارف عباسي ٻڌايو ته اسان هوٽل تي چانهه پيئڻ پنڌ وڃي رهيا هئاسين ته پاڙي ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 11 هزار روڪ رقم ۽ ٻه موبائيل فونون ڦر ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل تي گھر ويندڙ پاڙيسري آفاق سانگي کان به موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڦر ڪيل پئسا ۽ موبائيل فونون واپس ڪري ڦورن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.