ڳڙهي ياسين ۾ هڪ ئي رات ۾چوري جون 3 وارداتون

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين شهر ۾ نئين آيل ايس ايڇ او محمد صلاح سولنگي امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، چور نور مصطفي چوڪ تي واقع استاد غلام شبير ڀٽي جي دڪان جا تالا ٽوڙي گيهه، چانور، ايزي لوڊ جا موبائل فونز ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا، ساڳئي رات سيٺ سريش ڪمار جي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل سگريٽ، تيل ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪيو ويو، ٻئي طرف ڊکڻ ناڪي تي چور دلبر شر جي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ بيٺل 5 ٻڪريون ۽ هڪ سولر پليٽ چوري ڪري ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.