مانجهند ۾ زراعت کاتي جي آفيس سالن کان بند، ڀاڻ بليڪ تي وڪرو

مانجهند ( رپورٽ :  بابو عمراڻي)مانجهند جي زراعت کاتي جون آفيسون وڏي عرصي کان بند هئڻ سبب منافعي خور ڪيميائي ڀاڻ سرعام  بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳا ڀاڻ جي سرڪاري قيمتب1770 بجاء 3000 هزارن ۾ وڪرو ڪئي وڃي ٿي زراعت کاتي منافعي خورن سان ملي ڀڳت ڪري کين بنا ڪنهن لائيسنس جي ڪيميائي ڀاڻ نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي جڏھن ت جنسن جا نقلي ٻج به وڪرو ٿيڻ لڳا جنهن سبب آبادگارن کي سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون آبادگار اڳواڻ راجا حيدر ٿيٻو ٻڌايو ت مانجهند جي زراعت کاتي جي عملدارن ڀاڻ سان ڀريل 2 ٽرڪون پڪڙي مبينا ڏيتي ليتي بعد کين بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي جيڪو آبادگارن سان وڏو ظلم آھي آبادگار محمد عمر ابڙو ٻڌايو ت ڪڻڪ جو نقلي ٻج مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ سبب فصل ۾َواڌ ويجه نه پئي ٿئي لياقت ملاح ٻڌايو ت مانجهند سن ۾ نقلي زرعي دوائون سرعام وڪرو ٿين ٿيون پر آفيسون بند هئڻ سبب اهڙي شڪايت ڪرڻ کان محروم آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.