لکي لڳ ٽرڪ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي،2 ڄڻا فوت

لکي غلام شاھ (ن ع آ) لکي غلام شاھ لڳ سکر-شڪارپور روڊ تي ڪوهيڙي سبب جهان خان  چوڪ وٽ تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾سکر جي ڳوٺ نهال خان کوسو جا رهواسي طالب حسين کوسو ۽ محمد صديق کوسو چيڀاٽجي  فوت ٿي ويا.لکي پوليس فوتين جا لاش پوسٽ مارٽمبعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. پوليس حادثي جو سبب بڻيل ٻن ٽرڪن کي ٿاڻي تي بند ڪري ڇڏيو.ٻڌايو ُڇي ٿو ته موٽرسائيڪل سوار  روڊ تان گذرڻ وقت هڪ ٽرڪ کان ڪراس ڪري رهيا هئا ته پويان ايندڙ ٻي ٽرڪ مٿن چڙهي وئي.

  • سجاول ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ضلعي باڊي جوڙي وئي

سجاول (ڊ ر) سجاول  ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي آرگنائيزر ڪميٽي جي چيئرمين  زبير جتوئي، رحيم بخش کوسي، سليم صالح بوزدار ۽ نواب الدين چانڊيو جي صدارت هيٺ ورڪرز اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هڪ سال لاءِ ضلعي صدر نظام الدين ميمڻ، سينيئر نائب صدر شهزاد علي ميمڻ، نائب صدر گل حسن شاھ، جنرل سيڪريٽري ارشاد شاھ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد خان تارڙو،خزانچي عبدالحفيظ ميمڻ، اطلاعات سيڪريٽري نويد شاھ، آفيس سيڪريٽري محمد موسيٰ بروهي ۽ اقليتي سيڪريٽري سنتوش ڪمار چونڊيا ويا.

  • ڇور ۾ رٽائرڊ ماستر جي گهر کي کاٽ، سونا زيور ۽ پئسا چوري

ڊگھڙي (ن ع آ) نيو ڇور ۾ چور رٽائرڊ استاد ويد وياس مھيشوري جي گهر کي کاٽ هڻي 25 تولا سونا زيور، 5 لک رپيا روڪ ۽ ٻيو قيمتي سان کڻي ويا. گهر ڌڻي ويد وياس موجب هو گھر ڀاتين سميت عمرڪوٽ ۾ پنھنجي ڀاءُ جي فوتگي تي ويل ھو ته پويان چور گهر ۾ داخل ٿي قيمتي سامان ٻهاري ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.