سنڌ مري اتحاد پاران ڪراچي ۾ جلسو،برادري تي گلن جي ورکا

گڏاپ(ن ع آ) سنڌ مري اتحاد ڪراچي پاران گڏاپ جي شاھ مريد واري علائقي۾ جلسو مرڪزي صدر انور علي مري جو وڏي انگ ۾ مري برادري جي ماڻھن استقبال ڪيو، ڪافلو نادرن بائي پاس تي پھتو ته سندس گلن جو ورکا ڪندي سوين اجرڪون اوڍايون ويون، ريلي کي ڪافلي جي صورت ۾ جلسي جي ھنڌ پھچايو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ مري اتحاد جي مرڪزي اڳواڻن صدر انور علي مري، ڪجلو خان مري، ڪراچي ڊويزن جي سينئر نائب صدر عزيز خان مري، ملير جي صدر بھرام مري،  چيو ته سنڌ مري اتحاد جو اڄوڪو جلسو ڪنھن سياسي پارٽي جي خلاف ناھين، اسان چاھيون ٿا ته مري برادري جا سنڌ ۾ رھندڙ لکين مري  گڏ ٿي ھڪ آواز بڻجن،جيئن ڪنھن به پارٽي سان اسان پنھنجو مطالبو ڪري پنھنجا حق گھري سگھون، اسان جو ھر ماڻھون پنھنجي منھن ووٽ ڪري ٿو ان ڪري اسان کان سياسي ماڻھون فائدو وٺي اسان کي فائدو نٿا ڏين، اسان به سنڌ ۾ رھندي سنڌ کي ماء ٿا سمجھون، اسان به چاھيون ٿا ته اسان جي برادري جا ٻار تعليم حاصل ڪن، انھن چيو ته مري برادري پنھنجي ٻارن کي تعليم ڏياري، تعليم سان ھڪ پڙھيل لکيل معاشرو پئيدا ڪري سگھون ٿا، انھن چيو ته مري برادري جا ماڻھو پر امن آھن، اسان ھر وقت امن امان کي سجيدگي سان ورتو آھي، انھن چيو ته حڪومت کي گھرجي ته مري برادري کي سھولتون ڏي، انھن چيو ته ڪراچي جي قديمي ڳوٺن کي ليز ڪيو وڃي، گڏاپ جي وڏي آبادي ۾ پاڻي ڪونھي ماڻھو پاڻي لاء پريشان آھن، ھن جديد دور ۾ گيس نه ھجڻ ڪري جھنگ مان ڪاٺيون ڪري گذارو ڪندا آھن، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان مري برادري سان گڏ پوري گڏاپ جي ماڻھن کي زندگي جون سھولتون ڏنيون وڃن، انھن چيو ته سنڌ مري اتحاد پنھنجي ماڻھن لاء ھر ڏک سک ۾ گڏ آھي اسان سڀ گڏ ٿي ھڪ طاقتور آواز بڻجي سگھون ٿا، شرط اھو آھي ته پاڻ ۾ ٻڌي ھجڻ ضروري آھي، ان موقعي تي قتب الدين مري، ايڊوڪيٽ شھاب الدين مري، مختيار مري، غلام محمد مري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.