گهوٽڪي لڳ نينگر ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت

گهوٽڪي ( ڊ ر  ) گهوٽڪي ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان نينگر چيپاٺجي فوت گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ، گهوٽڪي ويجهو خان ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ کلڻ ڀيري جو رهواسي 5 سالن جو نينگر ثناءُﷲ ولد عطاﷲ ڀيري پنهنجي گهر بيٺو هو ته اتي ٽريڪٽر ٽرالي اچي پهتي ته نينگر ٽريڪٽر تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اچانڪ ٽائر هيٺان اچي چيپاٺجي ويو، جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ گهوٽڪي جي پرائيويٽ اسپتال کڻي آيا، جيڪو فوت ٿي چڪو هو اهڙو فوتگي جو اطلاع وارثن کي گهر ڏنو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،  ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿي ويل نينگر ۽  ٽريڪٽر مالڪ پاڻ ۾ ويجھا مائٽ  آهن، واقعي جو هن مهل تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.