لمس ۾ قاضي رياض جي امڙ ۽ حبيب الله خلجي جي لاڏاڻي تي ميڙاڪو

ڄامشورو( پ ر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر سروسز قاضي رياض حسن جي امڙ ۽ حيسڪو جي اڳوڻي چيف ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبر انجنئير حبيب الله خلجي جي اوچتي لاڏاڻي تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ، فئڪلٽيز جي ڊينز، تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن پاران قاضي رياض ۽ حبيب الله خلجي جي پونئرن سان دلي همدردي ۽ ڏک ونڊيو ويو آهي.

  • ملير ۾ لوڊشيڊنگ جي ڇوٽڪاري ۽ مفت علاج لاءِ ڪئمپ قائم

ملير (ڊ.ر) ڪي اليڪٽرڪ طرفان پپري ۾ مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي، ڳوٺاڻن کي بلن ۾ به وڏي رعايت، نسيم جاني شيخ چيو آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي تفصيل موجب: ڪي اليڪٽرڪ طرفان پپري کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ عوام جي سهولت لاءِ ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ عهد اسڪيم تحت واهپيدارن کي بلن ۾ وڏي رعايت ڏني وئي. ان موقعي تي غريب ماڻهن جي مفت علاج جو به بندوبست ڪيو ويو جنهن دوران ماهر ڊاڪٽرن مريضن جي چڪاس ڪئي ۽ انهن کي مفت دوائون پڻ فراهم ڪيون ويون ان موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ جي هيڊ ڪليڪٽر نسيم جاني شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي کي لوڊ شيڊنگ کان نجات ڏيارڻ لاءِ سرگرم آهي ان سلسلي ۾ پپري ۾ ڳوٺاڻن جي سهولت لاءِ ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ پهچي فائدو حاصل ڪيو هن چيو ته عوام جي سهڪار سان جلد پپري کي لوڊ شيڊنگ کان آجو ڪيو ويندو ڪيمپ ۾ بن قاسم جي جي ايم شيراز، زين شر، گلشن حديد جي انچارج غلام مصطفيٰ ابڙي، منير پٺاڻ، مظهر شر سميت ٻين عملدارن عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ان موقعي تي پپري سوشل فورم جي اڳواڻن آغا آصف علي ۽ غلام نبي سابقي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ علائقي ۾ ڪيمپ لڳائي واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو ۽ مفت طبي ڪيمپ ذريعي مريضن جو علاج ڪيو ۽ دوائون ڏنيون جنهن تي نسيم جاني شيخ ۽ ٻين آفيسرن جا ٿورائتا آهيون

  • خيرپور عدالت طرفان ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙن خلاف شوڪاز جاري

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ڪنگري جي ڪچي جي ٿاڻي فيض محمد ناريجو جي ٻن الڳ الڳ ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪيس جي فريادي  گواهن سب انسپيڪٽر شاهنواز گوپانگ، هيڊ ڪانسٽيبل ڦلڻ خان شمباڻي  سپاهين صفي الله لغاري ۽ مولا بخش لاکو خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي پيرڳوٺ ٿاڻي جي ٿاڻيدار خلاف توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.