صالح پٽ لڳ گهر تي ڪاهه، گهر ڀاتي يرغمال، چوپايو مال ڦر، احتجاج

سکر( رپورٽر) صالح پٽ جي ڳوٺ اياز آباد جي رهواسي غلام مصطفي ملاح ۽ مٺڻ ملاح پاران ڀنڀرا برادري جي با اثرن خلاف سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو آھي ته گزريل ڏينهن ڀنڀرا برادري جي بابو، علي مراد، ميرل، پيراڻو ۽ ٻيا اسان جي گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي گهر ۾ بيٺل 9 ڳئون ڪاهي ويا آھن جڏهن ته اهڙي ڏاڍ جي ڀنڀرا برادري جي چڳن مڙسن کي پڻ دانھ ڏني آھي پر اسان جيڪو به ٻڌڻ وارو ناهي ۔هنن ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اختيارن کي مال واپس ڏيارڻ جي گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.