سيوهڻ ۾ بدامني، اهلڪار جي گهر مان لکين روپين جو ڌاڙو

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ جي بندر محلي ۾ ھڪ رٽائر معذور پوليس اھلڪار غلام حيدر ميراڻي جي گھر ۾ 4 ھٿياربند داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بنائي چار لک جا بانڊ, 4 تولا سونا زيور ۽ ھڪ لک روپيا ڪيش رقم جو ڌاڙو ھڻي آساني سان فرار ٿي ويا ان موقعي تي رٽائر معذور پوليس اھلڪار غلام حيدر ميراڻي صحافين کي ٻڌايو ته چار ٻٽ ٻڌل ھٿياربند منهنجي گھر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي ٻن ڪلاڪن تائين يرغمال بنائي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد گھر ۾ رکيل چار لک جا بانڊ ھڪ لک روپيا روڪ رقم ۽ چار تولا سونا زيور جو ڌاڙو ھڻي فرار ٿي ويا آھن ۽ مان پوليس جي معذور ڪوٽا تي ڀرتي ٿيو ھئس پر ھاڻي رٽائر ٿيو آھيان. ھن ايس ايس پي  ڄامشورو کان معاملي جو نوٽس وٺڻ لاء مطالبو ڪندي چيو ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي. جڏھن ته ٻئي طرف پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ڌاڙي جا تفصيل وٺڻ بعد اين سي داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي آخري اطلاع تائين ڪا به گرفتاري عمل۾ نه اچي سگھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.